وڪي ليڪس کي ڳجهي ڄاڻ وڪرو ڪندڙ سي آءِ اي اهلڪار کي 40 سال قيد جي سزا

وڪي ليڪس کي هيڪنگ ٽولز ليڪ ڪندڙ اڳوڻي سينٽرل انٽيليجنس ايجنسي (سي آءِ اي) جي اهلڪار جوشواشلٽ کي 40 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب جوشواشولٽ تي جاسوسي ۽ ٻيا الزام 2022ع ۾ ثابت ٿيا هئا جنهن کان پوءِ آمريڪي ڊسٽرڪٽ جج جوشوا کي 40 سال قيد جي سزا ٻڌائي.
جوشوا 2012ع کان 2016ع تائين سي آءِ اي جي ايليٽ هيڪنگ يونٽ ۾ ڪم ڪيو هو، هن ڪمپيوٽر ۽ ٽيڪنالاجي سسٽم ۾ گھڙڻ لاءِ استعمال ٿيندڙ سائبر ٽول چوري ڪيا.
جوشوا شولٽ نوڪري ڇڏڻ کان پوءِ سامان وڪري ليڪس کي وڪرو ڪري ڇڏيو هو جنهن کان پوءِ وڪي ليڪس مارچ 2017ع ۾ ڳجها دستاويز شايع ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.