آمريڪا ۾ جهاز رهائشي علائقي ۾ ڪِري تباهه

آمريڪي رياست فلوريڊا ۾ ننڍو جهاز رهائشي علائقي ۾ ڪِري تباهه ٿي ويو.

پرڏيهي ميڊيا موجب فلوريڊا رياست ۾ اوچتو ننڍو جهاز رهائشي علائقي موبائيل هوم پارڪ ۾ ڪِريو جنهن کان پوءِ جهاز ۾ باهه لڳي وئي جڏهن ته جهاز سبب ڪيترائي گھر باهه جي وڪڙ ۾ اچي ويا.

رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته جهاز حادثي جي نتيجي ۾ فوري طور تي جاني نقصان جي خبر ناهي پئجي سگھي پر حادثي ۾ ڪيترن ئي ماڻهن جي فوت جو خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي.

فائر عملدارن موجب جهاز حادثي جو اطلاع ملندي ئي ريسڪيو عملو حادثي واري هنڌ پهچي ويو، جهاز هڪ گھر جي مٿان ڪِريو جنهن سان ٻين گھرن کي به باهه وڪوڙي وئي.

جهاز حادثي کان پوءِ سوشل ميڊيا تي وڊيوز به سامهون آيون جن ۾ جهاز کي مڪمل طور تي تباهه ڏٺو ويو آهي.

اختيارين جو چوڻ هو ته جهاز جي پائلٽ ريڊا تان گم ٿيڻ کان پوءِ ويجهو موجود ايئرپورٽ تي مي ڊي ڪال ڪئي، ان وقت جهاز رن وي کان 3 ميل پري هو جتي موبائيل هوم پارڪ موجود آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.