سون مسلسل ٻئي ڏينهن سوين رپيا مهانگو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ مسلسل ٻئي ڏينهن سون جي اگهه ۾ واڌ ٿي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب 1400 رپيا واڌ کانپوءِ ملڪ ۾ في تولي سون جي قيمت ٻه لک 17 هزار 700 رپيا ٿي وئي آهي.
اهڙي ريت 10 گرام سون هڪ هزار 201 رپيا واڌ سان هڪ لک 86 هزار 643 رپين جو ٿي ويو آهي، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس قيمت 14 ڊالر واڌ سان 2054 ڊالر ٿي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.