اميدوار جي لاڏاڻي سبب صوبائي تڪ تي چونڊ ملتوي

رحيم يار خان (ويب ڊيسڪ) رحيم يار خان ۾ پنجاب اسيمبلي جي تڪ پي پي 266 جو اميدوار چوڌري اسرار گوندل لاڏاڻو ڪري ويو.
ريسڪيو اختيارين موجب تحريڪ نوجوانان جي اميدوار چوڌري اسرار گوندل جي مهم دوران طبعيت بگڙي وئي هئي، کيس دل جو دورو پوڻ تي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال پهچايو ويو، جتي هو لاڏاڻو ڪري ويو.
هوڏانهن اميدوار جي لاڏاڻي سبب تڪ ۾ چونڊ ملتوي ڪئي وئي آهي، جنهن جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.