” شادي ڪڏهن ڪندين؟ “ رضوان جي سوال تي بابر ڇا چيو؟

ڍاڪا( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم اڳوڻي ڪپتان بابر اعظم، محمد رضوان کي شادي بابت سوال جو جواب سوشل ميڊيا تي ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
سوشل ميڊيا تي مداحن سان گفتگو واري خاص سيشن ۾ محمد رضوان، بابر اعظم کي ڪپتان چوندي سوال ڪيو ته ڪپتان اوهان شادي ڪڏهن ڪري رهيا آهيو؟ ان تي بابر چيو ته هو ڄاڻي پيو ته اوهان اهو ئي سوال ڪندئو.
رضوان، بابر کي چيو ته جواب ته اوهان کي ڏيڻو پوندو، رضوان جي اصرار تي بابر چيو ته هو کيس اڪيلي ۾ ان جو جواب ڏيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.