پي ايڇ ايف ملازمن کي 6 مهينن کان پگهارون نه مليون، ڪسمپرسي جي زندگي گذارڻ تي مجبور

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان هاڪي فيڊريشن( پي ايڇ ايف ) جي ملازمن کي ڇهن مهينن کان پهگارون ناهن مليو.
ذريعن موجب، لاهور هيڊ ڪوارٽر جا ملازم گذريل ڇهن مهينن کان پگهارن کان محروم هئڻ سبب ڪسمپرسي واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن جنهن کانپوءِ ملازمن جلد رهتون ادا ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.
پي ايس ايڇ ذريعن جو چوڻ آهي ته بيمار ملازمن وٽ علاج لاءِ به پئسا ناهن.
ذريعن موجب، سينيئر ۽ جونيئر رانديگرن جي رهتن وارو معاملو به رولڙي جو شڪار آهي، ڪپتان عماد شڪيل بٽ اولمپڪس ڪواليفائينگ رائونڊ ۾ شرڪت کانپوءِ رهتن جي ادائيگي جو مطالبو ڪيو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پي ايڇ ايف کي حڪومت طرفان فنڊز جاري ناهن ڪيا ويا، فنڊز لاءِ اسمائنمينٽ اڪائونٽ به کولڻو آهي.
ذريعن موجب، موجودا دور ۾ هڪ مهيني جون پگهارون رهيل آهي، باقي اٽڪل پنج مهينن جو پگهارون گذريل دور جون آهن، موجودا انتظاميا جي ذمي اٽڪل 8 ڪروڙ رُپين جون ادائيگيون باقي آهن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته موجودا انتظاميا کي اٺ ڪروڙ رُپين جون ادائيگيون ڪرڻيون آهن، انتظاميا ڊسمبر جي آخري هفتي ۾ فيڊريشن جا اڪائونٽ بند ڪري ڇڏيا هئا جنهن سبب هاڻ اسائنمينٽ اڪائونٽ کولڻ ضروري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.