مڪي آرٿر جا پاڪستان ڪرڪيٽ جي اندورني معاملن بابت ڇرڪائيندڙ انڪشاف

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڊائريڪٽر مڪي آرٿر پاڪستان ڪرڪيٽ جي اندروني معاملن بابت ڇرڪائيندڙ انڪشاف ڪيا آهن.
پرڏيهي خابرو اداري کي انٽرويوءَ ڏيندي مڪي آرٿر انڪشاف ڪيو ته عالمي ڪپ کانپوءِ لاهور واپس آياسين، آسٽريليا جي دوري جي رٿابندي ڪري ڇڏي هئي، اسان ٽيم جي ڪمبينيشن بابت به سوچي ورتو هو جڏهن ته پاڪستان پهتاسين ته هتي مڪمل خاموشي هئي.
هن چيو ته ذڪاءَ اشرف ٽيم جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺڻ چاهي پيو، مون، گرانٽ بريڊ برن ۽ مئنيجر ريحان احمد کيس بريفنگ ڏني، ريويو اجلاس ۾ وقفو آيو مون ڊائريڪٽر انٽرنيشنل عثمان واهلا سان لاجسٽڪ معاملن تي ڳالهه ٻول ڪئي پر مان حيران هيس ته ان ريويو ۾ ايڏو ڊگهو وقفو ڇو آيو آهي.
هن چيو ته ان دوران ڪن ۾ هوريان ٻڌايو ويو ته ذڪاءَ اشرف اڪيلي ۾ ميوزيم ۾ ملڻ چاهي ٿو، ذڪاءَ اشرف کوڙ سارا سوال پڇيا ۽ وري چيو ته اسان سپورٽ اسٽاف ۽ ڪپتان کي هٽائي رهيا آهيون.
هن چيو ته ريويو ته رڳو هڪ ڊرامو هو، ذڪاءَ اشرف جي ڏاڍي عزت ڪندو هيس هو مون کي سڌو به چئي پئي سگهيو، جڏهن پي سي بي آفيس ۾محمد حفيظ کي ڏٺو ته سمورو ڊرامو سمجهي ويس.
هن چيو ته اسان ڪانٽريڪٽ موجب ٽي مهينا سيٽلمينٽ حاصل ڪئي ۽ جيڪڏهن فوري استعيفيٰ ڏيون ها ته ڪجهه نه ملي ها.
پي سي بي چيو ته اسان نيون ذميواريون ڏينداسين جيڪو ناممڪن هو، ڪانٽريڪٽ موجب، اوهان نئين ذميواري نه ٿا ڏئي سگهو، مان هاڻ به پاڪستان ٽيم کي فالو ڪندو آهيان ۽ ڪندو رهندس.
ياد رهي ته مڪي آرٿر ڀارت ۾ ٿيل ون ڊي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان ٽيم جو ڊائريڪٽر هو، ورلڊ ڪپ ۾ مايوس ڪندڙ ڪارڪردگي کانپوءِ پي سي بي مئنيجمينٽ ڪميٽي پرڏيهي اسٽاف کي عهدن تان برطرف ڪري نيشنل اڪيڊمي ۾ خدمتون پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.