ٿر واسين هڪ ڀيرو وري ڪارونجهر جي ڪٽائي رد ڪري ڇڏي، صوبائي وزير ناڪام

اسلام ڪوٽ(رپورٽ:غازي بجير) نگران حُڪومت جي معدنيات واري صوبائي وزير خدابخش مري ڪارونجهر کي ڪَٽي کڻڻ سميت نيلامي جو پڪو پھ ڪري ڇڏيو آهي،ا ُنهي سلسلي ۾ گذريل اسلام ڪوٽ ۾ صوبائي وزير معدنيات لاءِ هڪ ڪچهري جو پروگرام رکيو ويو،جنهن اسلام ڪوٽ ۽ ڇاڇري تعلقن جي ڳوٺاڻن کي گُهرائي ننگرپارڪر واسي ڄاڻائي وزير آڏو جبل جي نيلامي جا حمايتي ڄاڻائي پيش ڪيو ويو، گڏجاڻي ۾ شريڪ ماڻهن هڪ دفعو ٻيهر وزير آڏو ڪارونجهر جي ڪٽائي جي مڪمل مخالفت ڪندي نيلامي کي رد ڪري ڇڏيو آهي،وزير عوامي حمايت حاصل نه ڪري سگهيو،گڏجاڻي ۾ ويٺل سمورا غريب ڳوٺاڻا پروگرام بابت بيخبر بڻيل رهيا،ڦوٽوسيشن بعد پنڊال ۾ ويٺل ماڻهن کي هلندڙ تقريب دوران لڳل برياني تي سڏيو ويو ته سڄو پنڊال ئي خالي ٿي ويو،تقريب دوران معدنيات واري صوبائي وزير خدابخش مري چيو آهي ته ڪارونجهر ڪنهن جي پيءُ جي ملڪيت ناهي،ماڻهن کي بيوقوف بڻائڻ ڇڏي ڏيو،ڪارونجهر سڄي سنڌ جي ماڻهن جي ملڪيت آهي،نگران حُڪومت جي وڃڻ بعد به آئون ڪارونجهر بابت عوام کي سجاڳي ڏيندس،ضرورت پئي ته ماڻهن کي روڊن تي وٺي ايندس،عوام کي ٻُڌائڻ آيو آهيان ته توهان ايڏن وسيلن جي باوجود بُک ۽ اُڃ وگهي تڙپي رهيا آهيو، توهان کي تحريڪ هلائيندڙ چند ماڻهو بيوقوف بڻائي رهيا آهن،معدنيات کي استعمال ڪندؤ ته توهان خوشحال ٿيندا،غربت ختم ٿيندي ۽ ماڻهو خودڪشيون نه ڪندا،خدابخش مري چيو ته ملڪ کي وجود ۾ آئي اڄ 77 سال ٿيا آهن،توهان کي لولي پاپ کانسواءِ ڇا مليو آهي،ٿر ۾ ماڻهو بُک وگهي خودڪشي ڪن پيا،معدنيات اڄ کڄي پئي،ڪارونجهر جو پٿر چوري ٿي رهيو آهي،ڪٽائي بند ناهي ٿي،اگر ڪارونجهر جبل جي ڳالھ ڪيو ٿا ته لڪ ڇپ ۾ هلندڙ ڪٽائي کي بند ڪرائي ڏسو،دنيا معدنيات مان ڪمائي پئي،هن چيو ته ٿرڪول ۾ ناانصافيون ٿين پيون،توهان ڪڏهن علائقي جي نمائيندي کان پڇيو آهي ته ناانصافيون ڇو ٿين پيون،اسان نگران سرڪار آهيون،توهان پنهنجن نمائيندن کان ڪڏهن پڇيو آهي ته هي حالتون ڇو آهن،آئون قران تي هٿ رکي ٿو چوان ته ڪارونجهر اندر مندر،مسجد کي هٿ نٿا لڳايون پوءِ اعتراض ڇاجو آهي؟وائلڊلائف سينچري کي بچايون ٿا پوءِ اعتراض ڇو آهي،سنڌ ۾ جيڪا ملڪيت آهي اُهو ڪنهن جي پيءُ جي ملڪيت ناهي،توهان کي ڪا به معلومات ناهي،ڪارونجهر جي ڪٽائي لِڪ ۾ هلي پئي،جيڪا هلڻ نه ڏيو،ڄاڻ رکو،هاڻي جيڪا به معدنيات نڪري ته اُنهي جي رائلٽي ٿرين تي خرچ ٿيڻ کپي،آئون هتي بار بار اُنهي ڪري اچي رهيو آهيان ته چوري ۾ کڄندڙ معدنيات بند ٿئي ۽ قانوني طور هر ڪم ٿئي ته اُنهي جي رائلٽي هتي جي ماڻهن تي خرچ ٿيڻ کپي،توهان تحريڪ جي نالي تي عقل کي نه وڪيو،بيوقوف نه ٿيو،چند ماڻهو بيوقوف آهن جيڪي ترقي ۾ رڪاوٽ بڻجي رهيا آهن،آئون سنڌ جي جنگ وڙهي رهيو آهي،وزارت کانسواءِ به هن ڪم کي نه ڇڏيندس،سنڌ جي ترقي روڪڻ ناانصافي آهي،مون ۾ غيرت آهي ته ڪو سنڌي دربدر نه ٿئي،توهان پنهنجي معدنيات ڇڏي روزگار خاطر وڃي غلامي ٿا ڪيو،معدنيات نڪرندي ته توهان کي ڪنهن جي غلامي نه ڪرڻي پوندي،هتي روزگار ملندو،اگر توهان معدنيات جي وارثي نه ڪندا ته ڌاريا ملڪيت کڻي ويندا،معدنيات خدا جي طرفان انسان جي لاء تحفو آھي معدنيات کي استعمال ڪري قوم ۽ ملڪ کي ترقي وٺرائي سگهجي ٿي،ڪارونجهر ۾ قيمتي منرل آھن،جنهن جو استعمال ڪري ٿر جي غربت مٽائي سگهجي ٿي،ٿر جي گهرن مان روزانو نوجوانن جا لاش  نڪرن ٿا،ماڻھو بک وڳهي مري رهيا آھن،جڏھن ڪارونجهر جي ڪٽائي ٿيندي ته ٿر ۾ وڏي ترقي ٿيندي،ٿر جي ڪوئلي جي کوٽائي وقت توهان گورنمنٽ سان ويهي ايگريمينٽ ڪريو ها ته اڄ ٿر جي ڪوئلي جي رائلٽي توهان کي ملي ها،سنڌ جي ماڻھو کي پنجاھ ھزار واري نوڪري تي يرغمال ڪري رکيو ويو آھي،آئون چاهيان ٿو ته انهن سازشن مان اسين نڪري پنهنجي معدنيات جي مالڪي ڪريون،آئون حلفيه چئي چڪو آهيان ته ڪارونجهر ۾ جيڪي به مذھبي عبادت گاھون آهن اُنهن کي محفوظ ڪري پٿر کي کنيو ويندو،ڪنهن به پکي يا جانور جو نقصان نه ٿيندو،ڪارونجهر جي بچاءُ جي آڙ ۾ ٿر جي ماڻھن کان روزگار جو وسيلو کسيو پيو وڃي،ماڻھن کي گمراھ ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي،ٿريا هن سازش ۾ شامل نه ٿين،عوام معدنيات استعمال ڪرڻ لاءِ روڊن تي نڪري منهنجو ساٿ ڏي،دنيا معدنيات استعمال ڪري ترقي ڪئي آھي اسان سنڌي معدنيات هوندي بک مري خودڪشيون ڪري رهيا آھن،آئون نگران حڪومت جي وڃڻ بعد به ٿر جي ماڻهن جي بهتري ۽ ڀلائي لاءِ توهان سان گڏ هوندس،

وزير صاحب؟ توهان تي قوم اعتماد ڇو ڪري: سماجي اڳواڻ

اسلام ڪوٽ:سماجي اڳواڻ آزاد اشرف سمون چيو ته وزير صاحب؟ توهان تي قوم اعتماد ڇو ڪري،توهان ڪهڙي حيثيت ۾ ڪارونجهر  کي کپائڻ نڪتا آهيو،تاريخ هميشھ هيرن کي ياد ڪيو آهي،غدار اڄ به ذليل ٿين پيا،توهان بلوچن سان واسطو رکو ٿا،پنهنجو نالو هيروز جي لسٽ ۾ لکرايو،نگران حُڪومت جي ڪا حيثيت ناهي،اسان توهان تي اعتبار ڪريو چريا ته ناهيون،سنڌ جا وسيلا تين وال ڪرڻ نه ڏبا،اسان کي ڪنهن جو ڊپ ناهي،توهان سرٽيفڪيٽ پنهنجا سنڀالي رکو،ليکڪ ارباب عبدالمالڪ چيو تڀ مير خدا بخش مري صاحب ڪهڙي توهان ڪهڙي حيثيت ۾ قوم کي گرينٽي ڏيون ٿا،اسان ڪنهن به صورت ۾ سوداگرن جي حمايت نه ڪنداسين،توهان کي پنهنجي گيرنٽي ڪونهي،سڀاڻي عارضي ڪرسي کسجي ويندي،اسان ڪيئن اعتماد ڪيون،ترقي جي آئيني پڪ ڏياريو،اسان سان دوکا ٿيا آهن،توهان تي اعتماد ڪونهي،جيڪو اچي ٿو پنهنجا فائدا وٺي ٿو هليو وڃي،اسان ٿرڪول منصوبن جا ستايل آهيون،خدشا آهن،ڪنهن به لولي پاپ تي اعتبار جي ڪنجائش ڪونهي،

پ پ پاران نگران وزير تي توهين عدالت جي ڪاروائي جو مطالبو

اسلام ڪوٽ:پ پ ٿر جي قيادت نگران وزير تي توهين عدالت جي ڪاروائي جو مطالبو ڪري ڇڏيو،پ پ جي ضلعي انفارميش سيڪريٽري ننڌلال مالهي چيو آهي ته ڪارونجهر سنڌ جو ثقافتي اثاثو ۽ ملڪي دفاع جو مورچو آهي،نگران سرڪار اليڪشن ڪرائڻ آئي آهي ڪارونجهر کي نيلام ڪرڻ جو ڪو به جواز ناهي،اسان سپريم ڪورٽ ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ کان مطالبو ڪيون ٿا ته معدنيات واري وزير خدابخش مري خلاف توهين عدالت جو ڪيس هلايو وڃي،عدالت ڪارونجهر کي محفوظ ڪرڻ جو فيصلو ڏئي چُڪي آهي،اسان حُڪومت ۾ اچي ڪارونجهر کي نيشنل پارڪ جو درجو ڏيارينداسين،

سهراب راهمي ۽ ستار ڏُهوٽ چيو ته شريڪ ٿي تاڙيون وڄايو: ڳوٺاڻا

اسلام ڪوٽ: گڏجاڻي ۾ شريڪ ماڻهو پروگرام بابت مڪمل بي خبر رهيا،ڳوٺاڻن چيو ته اسان کي چيو ويو ته پروگرام ۾  لي تاڙيون وڄائجو،خبر ناهي هتي ڪهڙو پروگرام آهي،اسان کي سهراب راهمي ۽ ستار ڏُهوٽ چيو ته شريڪ ٿيڻو آهي،اسان کي چيو ويو چائينيز جو پروگرام رکيل آهي،گاڏيون ڏئي هتي آنڌو ويو آهي،اسان کي چيو ويو پروگرام ۾ هلي وزير جي تقرير وقت تاڙيو وڄائجو،

ايف ڊبليو او وارن کي به پٿر کڻڻ کان روڪيو: پروگرام ڪرائيندڙ

اسلام ڪوٽ:پروگرام ڪرائيندڙ ستار ڏُهوٽ چيو ته ايف ڊبليو اي وارا اڄ به ڪارونجهر جو پٿر کڻي رهيا آهن اُنهن کي ڇو نه ٿو روڪيو وڃي،اسان ڪارونجهر جي معدنيات کڄڻ جي حق ۾ آهيون،ڪارونجهر جي معدنيات استعمال ٿيڻ سان خوشحالي ايندي،اسان ترقي جي حمايت ڪيون ٿا.

معدنيات استعمال ڪرڻ جي فائدن بابت ٺاهيل ڊاڪيومينٽري نه هلي سگهي

اسلام ڪوٽ:ڇاڇري ۽ اسلام ڪوٽ تعلقي جي ڳوٺن مان گاڏيون ڀري ماڻهن کي شرڪت ڪرائي وئي،پنڊال ۾ ويٺل ماڻهن کي  ڳالھائڻ جو موقعو نه ڏنو ويو،ويٺل ماڻهو رُڳو تاڙيون وڄائيندا رهيا،اسلام ڪوٽ:معدنيات استعمال ڪرڻ جي فائدن بابت ٺاهيل ڊاڪيومينٽري نه هلي سگهي،معدنيات وارو وزير پاڻ سان گڏ ڪارونجهر جي معدنيات کي استعمال ڪرڻ سان فائدن تي مشتمل هڪ ڊاڪيومينٽري ٺاهي کڻي آيو،جيڪا پنڊال ۾ ويٺلن کي ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر وڊيوز ڊائون لوڊ نه ٿيڻ ڪري اُها هلي نه سگهي،جنهن تي وزير سخت ڪاوڙجي پيو،رکيل گڏجاڻي دوران ايڪوسائونڊ به صحيح نه هلڻ تي صوبائي وزير ڪاوڙ ۾ چيو ته توهان پروگرام سڄي جي ڀينگ ڪري ڇڏي آهي،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.