سياسي پارٽين جا نعرا گهڻا آهن، عام ماڻهوءَ کي بيوقوف سمجهو وڃي ٿو: ساڃاهه وند

 ڪراچي (رپورٽر ) ڪراچي ۾ وفاقي انفارميشن ۽ براڊ ڪاسٽنگ جي وزارت طرفان عام چونڊن بابت سيمينار ڪوٺايو ويو، ساڃاهه وندن چيو آهي ته سياسي پارٽين جا نعرا گهڻا آهن، عام ماڻهوءَ کي بيوقوف سمجهو وڃي ٿو، عوام کي  ڪجهه ناهي ملي سگهيو، سيمينار کي خطاب ڪندي سڌ سماءِ واري وفاقي وزير مرتضي ٰ سولنگي چيو ته  ملڪ ۾ مسئلا آهن پر چونڊون 8 فيبروري تي ئي ٿينديون، جيڪي ليول پليئنگ جي ڳالهه ڪن ٿا، انهن جي پنهنجي پارٽي ۾ جمهوريت آهي، اليڪشن جو عمل جاري رهڻ گهرجي، ان کي نه روڪڻ کپي، مسئلا تمام گهڻا آهن، سڀني کي پنهنجو بهتر ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، مرتضيٰ سولنگي چيو ته حقيقي جمھوريت ملڪ ۾ تڏھن ايندي جڏھن عام ماڻھو کي اليڪشن ۾ بيھڻ جو موقعو فراھم ڪيو ويندو، ملڪ جي ميڊيا اندر به بھتري جي تمام گھڻي ضرورت آھي، سياست سڀ ڪن پر ملڪ جي سلامتي سان ڪنھن کي به سياست نه ڪرڻ گھرجي، سيمينار کي خطاب ڪندي سينيئر صحافي مظهر عباس چيو ته گهڻيون شيون تبديل ٿي چڪيون آهن، اسان سڀني قومي ترانو ٻڌو سين ته ان ۾ قوت اخوت عوام جو انتظار آهي 75 سالن کان اهو وقت نه اچي سگهيو آهي، مون سدائين اليڪشن جي نالي تي سليڪشن ئي ڏٺيون آهن، ڪا به سرڪار اچي ٿي ان جا وزير ۽ بيوروڪريٽ  هوندا ته خبر پوندي آهي ته اهي فائلون ڏسن ئي نٿا، اليڪشن ڪميشن اداري جي پنهنجي ڪا مشينري نه هوندي آهي اها صوبائي ۽ وفاقي حڪومت تي ڀاڙيندي آهي.هن چيو ته ڀارت ويس ۽ اتي جي اليڪشن ڪميشن جو ڪار وهنوار ڏٺم ته ڀارت ۾  اميدوارن جا اڪائونٽ خاص اليڪشن جي خرچ لاءِ کوليا ويندا آهن، پٺيان 3 چيف اليڪشن ڪميشن جا چيئرمين منتخب ڪيا ويا آهن منتخب ڪندڙ ئي انهن مان پاڻ مطمئن نه هوندا آهن.هن چيو ته سياسي پارٽين جا نعرا گهڻا آهن تعليم سڀني لاءِ، ڪيئن اهو هو پورو ڪري سگهندا، ڏٺو وڃي ٿو ته عام ماڻهو کي بيوقوف سمجهو وڃي ٿو،  سياست تي ٽيڪسي ۽ ڪئبن وار ڳالهائن ٿا، ايندڙ حڪومتن جا وزير ايندا چوندا ته پئٽرول مهانگو ان ڪري ڪيو پيو وڃي جو گذريل حڪومت ان جي ذميوار آهي، سينيئر صحافي سهيل سانگي چيو ته سرڪار ۽ اسٽيبلشمينٽ تي ماڻهن جي نظر رهي، جيڪي به جماعتون کٽي اينديون آهي ڪارڪرگي جون ذميوار نه هونديون، اهم سوال آهي ته اليڪشن کانپوء اختيارات پارليامينٽ کي ملندا، معاشي حالتن جو حال اهو آهي ته اسان وٽ پيداوار ناهي اسان درآمد وڌيڪ آهي برآمد گهٽ آهي، ان ڳالهه سان اتفاق ڪيان ٿو ته پاڙيسري ملڪن سان تعلقات سٺا هجڻ کپن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.