ايپل واچ روڊ حادثي جو شڪار 5 ماڻهن جي حياتي بچائي ورتي

ايپل واچ جي ڪار ڪريش ڊٽيڪشن فيچر ڪئناڊا ۾ 5 ماڻهن جي حياتي بچائڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو آهي.
واضح رهي ته ايپل سيپٽمبر 2022ع ۾ آءِ فون 14 ۽ ايپل واچ 8 سيريز ۾ ڪار ڪريش ڊڪٽيشن جو فيچر به متعارف ڪرايو هو.
ان فيچر لاءِ ايپل پاران ايپل واچ ۽ آءِ فونز ۾ مختلف سينسرز لڳايا ويندا آهن جيڪي ڪنهن حادثي تي ايمرجنسي سروسز سان رابطو ڪندا آهن.
آمريڪي رياست ڪيليفورنيا جي شهر برنارڊينو ويجهو شاهراهه تي گاڏي وڻ سان ٽڪرائجي وئي.
ڏهن ايپل واچ کي گاڏي جي ٽڪرائجڻ جو اندازو ٿيو ته ان فوري طور تي ايمرجنسي سروسز سان رابطو ڪيو.
ايپل واچ جي رابطو ڪرڻ کان پوءِ امدادي ٽيمون حادثي واري هنڌ پهچي ويون.
مقامي اختيارين ٻڌايو ته گاڏي ۾ سوار هڪ فرد جي ايپل واچ ۾ موجود ڪريشن ڊٽيڪشن سافٽ ويئر ايمرجنسي سروسز کي الرٽ ڪيو هو.
هنن وڌيڪ ٻڌايو ته گاڏي ۾ 5 ماڻهو ڦاٿل هئا جن مان 2 زخمين کي ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو جڏهن ته ٻين کي شروعاتي طبي امداد ڏيڻ بعد ڊسچارج ڪيو ويو.
اهو پهريون ڀيرو ناهي جو ايپل جي ڊوائيس ۾ موجود ان فيچر ماڻهن جو حياتي بچائي هجي.
ان کان اڳ به اهو فيچر ڪيترن ئي حادثي جو شڪار ماڻهن جون حياتيون بچائڻ ۾ ڪردار ادا ڪري چڪو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.