”بينظير ڀٽو غريب جو آواز هئي، هاڻ مان ۽ بلاول آواز بڻجنداسين“

سانگهڙ (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ آصفه ڀٽو زرداري چيو آهي ته هاڻ مان ۽ بلاول توهان جو آواز بڻجنداسين.
سانگهڙ ۾ چونڊ ريلي کي خطاب ڪندي آصفه ڀٽو زرداري چيو ته محترمه بينظير ڀٽو عورتن جي حقن لاءِ وڙهي هئي، هوءَ خود مختياري لاءِ وڙهي، بينظير ڀٽو کي اسان کان جدا ڪيو ويو.
هن چيو ته مان بينظير جي ڌيءَ آهيان ۽ بينظير غريب جو آواز هئي، هاڻ مان ۽ بلاول توهان جو آواز بڻجنداسين.
سندس چوڻ هو ته اسان ڏک سک ۾ توهان سان گڏ رهنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.