ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سنڌ پريميئر ليگ ( ايس پي ايل ) ۾ افتخاراحمد، اسد شفيق سان بدتميزي تي معافي گهري ورتي.
اربع جي ڏينهن سنڌ پريميئر ليگ ۾ ڪراچي غازيز ۽ لاڙڪاڻا چئلينجرز وچ ۾ ميچ دوران آئوٽ ٿيڻ کان اڳ اسد شفيق، افتخار احمد کي هڪ ڇڪو ۽ چڪو هنيو هو.
ڪراچي جي نمائندگي ڪندڙ افتخار احمد ميچ دوران اسد شفيق جي وڪيٽ وٺڻ تي اڻوندڙ رويو اختيار ڪيو.
I am extremely apologetic for my behaviour in the field today. I shouldn’t have reacted the way I did in the heat of the moment. I’ve apologised to @asadshafiq1986 Bhai in person after the match & have always held great regards for him. We have played a lot of cricket together.
— Iftikhar Ahmad (@IftiMania) January 31, 2024
سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي افتخار احمد، اسد شفيق سان بدتميزي تي معافي گهرندي چيو ته هو پنهنجي رويي تي انتهائي معذرت خواهه آهي، اهڙي قسم جي حرڪت نه ڪرڻ گهرجي ها.
افتخار احمد چيو ته جيڪو ٿيو اِهو ميچ جي گرما گرميءَ ۾ ٿيو، مون ميچ کانپوءِ اسد شفيق معذرت جو اظهار ڪيو هو، ساڻس گڏ گهڻي ڪرڪيٽ کيڏي آهي، سندس ڏاڍو احترام ڪندو آهيان.