حيدرآباد: اعتراض جوڳين تصويرن ۽ وڊيوز جي مشهوري تي عورت کي سزا

حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) آن لائن اعتراض جوڳين تصويرن ۽ وڊيوز جي مشهوري ۾ ملوث عورت کي سزا ٻڌائي وئي.
حيدرآباد جي عدالت اعتراض جوڳين تصويرن ۽ وڊيوز جي سوشل ميڊيا تي مشهوري ۾ ملوث عورت کي 6 مهينا قيد جي سزا ٻڌائي آهي.
ايف آءِ اي موجب شمائله نالي عورت کي اعتراض جوڳين تصويرن ۽ وڊيوز جي سوشل ميڊيا تي مشهوري ثابت ٿيڻ تي سزا ٻڌائي وئي.
عورت جوابدار خلاف سال 2023 ۾ سائبر ڪرائم حيدرآباد ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو هو.
ڪيس جي ٻڌڻي مڪمل ٿيڻ تي جڊيشل مئجسٽريٽ 1 حيدرآباد عاليه سحر قائمخاني سزا ٻڌائي.
ايف آءِ اي طرفان اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ليگل غضنفر علي ڀٽو ڪيس جي پيروي ڪئي، جڏهن ته انسپيڪٽر سعيد احمد ڪيس جي جاچ مڪمل ڪري عدالت ۾ چالان جمع ڪرايو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.