سون وري مهانگو ٿي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر واڌ ٿي وئي.
عالمي مارڪيٽ ۾ سون 5 ڊالر مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 2060 ڊالر في اونس ٿي ويو آهي، جنهن جو اثر مقامي مارڪيٽ تي به پيو.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب 800 رپيا واڌ کانپوءِ ملڪ ۾ في تولي سون جي قيمت ٻه لک 16 هزار 300 رپيا ٿي وئي آهي، جڏهن ته 10 گرام سون 686 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ هڪ لک 85 هزار 442 رپين جو ٿي ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.