آمريڪا سان جنگ جو ڪو به ڊپ ناهي: ايران

تهران (ويب ڊيسڪ) ايران پاسداران انقلاب جي سربراهه چيو آهي ته ايران کي آمريڪا سان جنگ جو ڪو به ڊپ نه آهي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب پنهنجي بيان ۾ ايراني پاسداران انقلاب جي سربراهه حسين سلامي چيو ته ايران جي خلاف آمريڪي ڌمڪي تي خاموش نه ويهنداسين، تهران واشنگٽن سان سڌي ريت فوج ٽڪراءَ لاءِ ڊنل نه آهي.
هن چيو ته اسان ڪجهه آمريڪي اختيارين پاران ايران لاءِ ڌمڪيون ٻڌيون آهن هنن لاءِ اهو پيغام آهي ته اسان ڪنهن به ڌمڪي تي لاجواب نه رهنداسين، اسان جنگ نٿا چاهيون پر ان کان ڊنل به نه آهيون.
ميديا رپورٽس موجب ايراني پاسداران انقلاب جي سربراهه جو بيان آمريڪي صدر جي ڌمڪي کان پوءِ سامهون آيو آهي جنهن ۾ جو بائيڊن اردن ڊرون حملي ۽ ان ۾ ٽن آمريڪي فوجين جي مارجڻ تي چيو هو ته آمريڪا ان حملي جو جواب ڏيڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.