انگلينڊ پاران ڀارت خلاف ٻي ٽيسٽ ۾ پاڪستاني ڄائي آف اسپنر کي کيڏائڻ جو امڪان

وائزاگ( ويب ڊيسڪ ) انگلينڊ جو اسپنر جيڪ ليچ ڀارت خلاف ٻي ٽيسٽ ميچ مان ٻاهر ٿي ويو آهي جنهن کانپوءِ هاڻ انگلش ٽيم ۾ پاڪستاني ڄائي اسپنر شعيب بشير جي ڊيبيو جو امڪان آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب، جيڪ ليچ گوڏي جي انجري جو شڪار آهي جنهن سبب هو ڀارت خلاف ٻي ٽيسٽ ميچ نه کيڏي سگهندو.
جيڪ ليچ جي انجري بابت انگلش ڪپتان بين اسٽوڪس جو چوڻ آهي ته اميد آهي ته جيڪ ليچ جلد ٽيم ۾ واپسي ڪندو.
ٻئي پاسي انگلينڊ جي پاڪستاني ڄائي اسپنر شعيب بشير کي ٻي ٽيسٽ ۾ ڊيبيو ڪرائڻ جو امڪان آهي.
واضح رهي ته انگلينڊ کي ڀارت خلاف پنج ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز ۾ 0-1 جي سرسي حاصل آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.