آسٽريلوي فاسٽ بالر جو ڪينسر جي علاج لاءِ ڪرڪيٽ کان وقفو

نيو سائوٿ ويلز (ويب ڊيسڪ) آسٽريلوي وومين ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر لارين چيٽل ڪينسر جي علاج لاءِ ڪرڪيٽ جي ميدانن کان پري ٿي وئي آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، لارين چيٽل چمڙي جي ڪينسر جو شڪار آهي جيڪا علاج لاءِ ڪرڪيٽ ٽيم کان ٻاهر رهندي، هوءَ وومين پريميئر ليگ سميت هلندڙ سيزن نه کيڏي سگهندي.
نيو سائوٿ ويلز طرفان جاري ڪيل بيان موجب، لارين چيٽل سال جي آخر ۾ ٽريننگ ۾ واپسي لاءِ پراميد آهي، کيس ڪنڌ جي ويجهو چمڙي چمڙي جو ڪينسر آهي جنهن جو هوءَ علاج ڪرائي رهي آهي.
لارين شروعاتي علاج 2021ع ۾ ڪرايو هو، هاڻ ڪرڪيٽر گذريل ڏينهن طبي معائنو ڪرايو آهي.
واضح رهي ته لارين چيٽل گذريل سال جي آخر ۾ ڀارت خلاف ٽيسٽ ڊيبيو ڪيو هو، هوءَ هلندڙ مهيني پرٿ ۾ ڏکڻ آفريڪا خلاف سيريز لاءِ مضبوط اميدوار هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.