نئين پاڪستان جي ڳولا ۾ پراڻو به تباهه ٿي ويو، تبديلي مان آڻيندس: نواز شريف

مينگورا (ويب ڊيسڪ) ن ليگ قائد نواز شريف چيو آهي ته خيبر پختونخواهه ۾ تبديلي مان آڻيندس، ڪي پي جا ماڻهو هڪ شخص جي ڄار ۾ ڦاسي پيا، نئين پاڪستان ۽ تبديلي جي ڳولا ۾ پراڻو پاڪستان به تباهه ڪيو ويو.
مينگورا ۾ جلسي کي خطاب ڪندي نواز شريف چيو ته جن کي آزمائي چڪاسين، انهن کي وري آزمائڻ ٺيڪ ناهي، هتي ڪهڙو نئون موٽر وي ۽ بجلي جو منصوبو لڳو، 300 ڊيم ڪاڏي ويا؟ ڪٿي بلين ٽري منصوبو نظر نه پيو اچي، سوات وارئو لوڊشيڊنگ جو خاتمو نواز شريف ڪيو هو.
هن چيو ته توهان ڪيئن اهڙي شخص جي ڄار ۾ ڦاسي پيا، جنهن توهان کي هڪ ڪروڙ نوڪريون ۽ گهر ڏيڻ جو واعدو ڪيو، هتي هزارين ماڻهو آهن، 50 لک گهرن مان ڪنهن کي هڪ گهر به مليو؟ ووٽ ڏيڻ کانپوءِ توهان کي ڇا مليو؟ نئين پاڪستان ۽ تبديلي جي ڳولا ۾ توهان پراڻو پاڪستان به تباهه ڪري ڇڏيو.
سندس چوڻ هو ته ٻڌايو اڄ ملڪ ۾ مهانگائي آهي يا نه؟ نواز شريف جو دور سٺو هو يا هي؟ اسان ڪوڙ ناهيون ڳالهائيندا، ايندڙ 5 سال به سچ ڳالهائيندس، توهان ن ليگ کي موقعو ڏيو ته خيبر پختونخواهه جي تقدير تبديل ڪري ڇڏينداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.