دهشتگرد سمجهن ٿا ته مان ٻار آهيان ۽ ڊڄي ويندس پر اها انهن جي ڀُل آهي: بلاول ڀٽو زرداري

خضدار (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته بلوچستان جو عوام ڄاڻي ٿو ته گم ٿيل ماڻهن جو مسئلو جيڪڏهن ڪو حل ڪري سگهي ٿو ته اهو مان آهيان.
خضدار ۾ جلسي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عوام ڄاڻي ٿو مون کانسواءِ ڪو وفاقي سياستدان اهڙو ناهي، جيڪو بلوچستان جي تڪليف کي سمجهي سگهي، عوام ڄاڻي ٿو ته گم ٿيل ماڻهن جو مسئلو جيڪڏهن ڪو حل ڪري سگهي ٿو ته اهو مان آهيان، عوام کي خبر آهي ته پ پ ناهي جهڪندي، اسان سڀني قوتن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ تيار آهيون پر عوام جي حقن تي سوديبازي نه ڪنداسين.
هن چيو عوام ڄاڻي ٿو ته پ پ اڪيلي جماعت آهي، جيڪا بلوچستان کي ان جو حق ڏياري سگهي ٿي، 18هين ترميم ۽ اين ايف سي تي مڪمل عملدرآمد ٿئي ها ته اڄ بلوچستان ۾ سازشون دم ٽوڙي چڪيون هجن ها.
سندس چوڻ هو ته اسان جي جماعت هڪ ڀيرو ٻيهر دهشتگردن جي نشاني تي آهي، اهو سمجهن ٿا ته مان ٻار آهيان ۽ ڊڄي پوئتي هٽي ويندس ته اها انهن جي ڀُل آهي، سازشي ٽولي ۽ دهشتگردن پ پ اميدوارن تي ڪيترائي حملا ڪيا، انهن جي ليکي ته جيالا گهٻرائجي ويندا پر ائين نه ٿيو، پ پ شهيدن جي، غيرتمندن جي جماعت آهي، جيڪا ڪنهن دهشتگرد سامهون نٿي جهڪي سگهي.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته 8 فيبروري تي بلوچستان ۾ تيرن جي برسات ٿيندي، جيڪڏهن مان پارليامينٽ ۾ پهچي ويس ته عوام کي خبر آهي انهن جو آواز اٿاريندس، جيئن مان سنڌ ۾ 30 لک گهر ٺاهي حقدارن کي ڏئي رهيو آهيان، ائين ئي بلوچستان ۾ به گهر ٺاهي ماڻهن کي مالڪاڻا حق ڏيندس.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.