اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن 8 فيبروري تي ٿيندڙ عام چونڊن جي سلسلي ۾ ملڪ ۾ عام موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو.
اليڪشن ڪميشن عام چونڊن لاءِ عام موڪل جو باقاعده نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو آهي.
اليڪشن ڪميشن جي پڌرائيءَ موجب عام موڪل جو مقصد آهي ته ووٽر پنهنجو حق آزادي ۽ سهولت سان ادا ڪري سگهن.
واضح رهي ته ملڪ ۾ عام چونڊون 8 فيبروري تي ٿي رهيون آهن.
Next Post
You might also like