پ پ جي يزيد حڪومت سنڌ جو مستقبل تباهه ڪري ڇڏيو: اياز لطيف پليجو

حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجو چيو آهي ته سنڌ جا ماڻهو پيپلزپارٽي ۽ زرداري ٽولي جي ڊرامي بازين کي سمجهي ويا آهن، 8 فيبروري تي سنڌ سان ڪيل ظلمن جو حساب سنڌ جو عوام پنهنجي ووٽ ذريعي وٺندو.
ڳوٺ مسو ڀرڳڙي ۾ ڪارنر گڏجاڻي کي خطاب ڪندي اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ ۾ ايندڙ حڪومت جي ڊي اي ۽ سندس اتحادين جي ھوندي، پيپلزپارٽي ۽ زرداري ٽولي 15 سالن جي اقتدار دوران سنڌ جا ادارا تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيا.
هن چيو ته ڪوفي جي ماڻهن کان غلطي ٿي وئي ڪوفي جن کي خبر نه هئي ته يزيد ڪھڙي پاسي آهي ۽ حسينيت ڪھڙي پاسي آهي، پر سنڌ ڪوفو ڪو نه بڻجندي، سنڌ سمجهي ٿي ته پندرهن سالن کان يزيزدن اسان جو پاڻي روزگار، تعليم، صحت، شھر، زراعت، ميرٽ، معصوم ٻارڙن جو مستقبل، تباهه ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.