پي ٽي آءِ جو عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جي سزا بابت فيصلو چئلينج ڪرڻ جو اعلان

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ بئرسٽر گوهر علي خان توشا خانا ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني عمران خان جي 14 سالا قيد جي سزا تي ردعمل ڏيندي چيو ته احتساب عدالت ماضي ۾ اهڙو فيصلو ڪڏهن ناهي ڏنو، هي ظلم ٿيو آهي، عوام هر ناانصافي جو بدلو اٺ فيبروري تي ووٽ سان وٺندو.
بئرسٽر گوهر عمران خان کي توشا خانا ڪيس ۾ ڏنل سزا تي چيو ته هڪ ليڊر کي خوش ڪرڻ لاءِ سزائون ڏنيون پيون وڃن، وڪيل جي هوندي آڏ پڇا جي اجازت نه ڏني وئي.
هن چيو ته 342 واري بيان ۾ چيو ته اسان شاهد پيش ڪرڻ چاهيون ٿا، هو سزا خلاف هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائيندا.
سندس چوڻ هو ته بشريٰ بي بي جو توشا خانا ڪيس سان ڪو واسطو نه آهي،هن ذاتي طور تي ڪو تحفو ناهي کنيو، پي ٽي آءِ باني تي دٻاءُ وجهڻ لاءِ بشريٰ بي بي کي سزا ٻڌائي وئي آهي.
پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته توشا خانا ڪيس ۾ اسان جي دفاع جو حق ختم ڪيو ويو، اعليٰ عدليا مان انصاف جي اميد آهي.
بئرسٽر گوهر خان پي ٽي آءِ ڪارڪنن کي پرامن رهڻ جي اپيل ڪئي ۽ کين آٿت ڏيندي چيو ته اِها سزا ختم ٿي ويندي، چونڊن ۾ ڀرپور حصو وٺنداسين، اِهي فيصلا نه رهندا ڇو ته سياسي انتقام جو نشانو بڻايو پيو وڃي.
هن وڌيڪ چيو ته ووٽرز ۽ سپورٽرز کي مايوس ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر ائين نه ٿيندو، هر ناانصافي جو فيصلو ووٽ ذريعي وٺنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.