غريب جي تحفظ کي پنهنجو ايمان سمجهون ٿا: آصفه ڀٽو زرداري

بدين (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ آصفه ڀٽو زرداري چيو آهي ته اسان غريب جي تحفظ کي پنهنجو ايمان سمجهون ٿا.
آصفه ڀٽو زرداري چونڊ مهم جي سلسلي ۾ بدين پهتي ۽ ريلي جي صورت ۾ جيالن کي مختصر خطاب ڪيو.
هن چيو ته اسان ڏک سک ۾ توهان سان گڏ رهنداسين، هاڻ به توهان سان گڏ ئي بيٺا آهيون، ووٽ ڏئي اسان کي ڪامياب ڪيو.
سندس چوڻ هو اسان واعدو ٿا ڪيون ته 5 سالن ۾ توهان جي پگهار ٻيڻي ڪري ڇڏينداسين، ماڻهن کي گهر ٺاهي ڏينداسين.
آصفه ڀٽو زرداري مختصر خطاب جي آخر ۾ نعرو هنيو ته هاڻ جي ڊي اي نه تير هلندو، جنهن کانپوءِ هوءَ ريلي جي صورت ۾ حيدرآباد لاءِ رواني ٿي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.