فرٽيلائزر انڊسٽري پاران ڀاڻ جي غيرقانوني وڪري خلاف ڪارروائي جي گهر

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي فرٽيلائزر انڊسٽري جو لاهور ۾ ڊيلرز ڪنوينشن ٿيو، جنهن ۾ فوجي فرٽيلائزر، اينگرو فرٽيلائزر، فاطما فرٽيلائزر ڪمپنين ۽ ايگري ٽيڪ لميٽڊ شرڪت ڪئي.
ڀاڻ ٺاهيندڙ ڪمپنين جي عهديدارن ۽ سڄي ملڪ مان ڀاڻ جي ڊيلرن شرڪت ڪئي، جن ۾ فوجي فرٽيلائزر جو گروپ جنرل مئنيجر مارڪيٽنگ اطهر جاويد، اينگرو فرٽيلائزرز جي وائس پريزيڊنٽ مارڪيٽنگ عاطف محمد علي، فاطما فرٽيلائزر جي ڊائريڪٽر مارڪيٽنگ اينڊ سيلز رابيل سدوزئي، ايگري ٽيڪ جي هيڊ آف مارڪيٽنگ تنوير رضا، فوجي فرٽيلائزر بن قاسم جي ايڊوائزر مارڪيٽنگ شڪيل احمد شامل هئا.
سينيئر عهديدارن به ڊيلرز ڪنوينشن ۾ شرڪت ڪئي ۽ گڏيل حڪمت عملي لاءِ ڳالهه ٻولهه ڪئي.
ڀاڻ ڊيلرن يقين ڏياريو ته هو ڀاڻ کي مقرر اگهن تي هارين کي ڏيارڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا.
هنن حڪومت تي زور ڏنو ته اها ڀاڻ جي غيرقانوني وڪري خلاف سخت ڪارروائي ڪري.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.