انڊر 19 ورلڊ ڪپ، احمد حسن جي شاندار بيٽنگ، پاڪستان، آئرلينڊ کي هارائي ڇڏيو

پوچيفسٽروم ( ويب ڊيسڪ ) انڊر 19 ورلڊ ڪپ جي سپر سڪس جي ميچ ۾ پاڪستان آئرلينڊ کي ٽن وڪيٽن تان هارائي ڇڏيو.
آئرلينڊ جو 182 رنسن جو حدف پاڪستان 44 هين اوور ۾ ست وڪيٽن جي نقصان تي پورو ڪري سپر سڪس مرحلي ۾ پنهنجي پهرين فتح حاصل ڪري ورتي.
پاڪستان جي احمد حسن 57 رنسن جي شاندار ناقابلِ شڪست اننگز کيڏي جڏهن ته ڪپتان سعد بيگ ۽ هارون ارشد 25،25 رنسون ٺاهي اڳڀرا رهيا.
آئرلينڊ جي هيري ڊير چار جڏهن ته جارڊن نيل، رئيوبن ولسن ۽ الويري رئلي هڪ، هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.
ڏکڻ آفريڪا جي شهر پوچيفسٽروم ۾ کيڏيل ميچ ۾ پاڪستان انڊر 19 جي ڪپتان ٽاس کٽي فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو .
پاڪستاني بالرن جي شاندار بالنگ آڏو آئرش بيٽر واري جي ڀت ثابت ٿيا ۽ سموري ٽيم 19 هين اوور ۾ 180 رنسن تي ڍير ٿي وئي.
آئرلينڊ جي جوهن ميڪنلي 53 رنسون ٺاهيو، پاڪستان جي عبيد شاهه ٽي، جڏهن ته علي رضا، عامر حسن، احمد حسن ٻه، ٻه وڪيٽون حاصل ڪيون.
بهترين بيٽنگ تي احمد حسن کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.