ڪراچي ۾ امن امان جي بگڙجندڙ صورتحال تي پ پ جو چيف اليڪشن ڪمشنر کي خط

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا کي هڪ ٻيو خط لکي ڪراچي ۾ امن امان جي بگڙجندڙ صورتحال ڏانهن ڌيان ڇڪايو آهي.
پ پ طرفان چيف اليڪشن ڪمشنر کي لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته پ پ جي چونڊ مهم جا پوسٽر ۽ جهنڊا باقاعدگي سان ڦاڙيا پيا وڃن ۽ لاڳاپيل وڊيوز ان شڪايت بابت حوالي لاءِ جڙيل آهن.
خط ۾ چيو ويو ته ڪراچي جو اورنگي ٽائون انتهائي حساس علائقو آهي ۽ هتي لساني دهشتگردي جون تمام گهڻيون وارداتون ٿيون آهن.
خط موجب اليڪشن ڪميشن قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي حفاظتي قدمن کڻڻ جي هدايت ڪري ۽ شرپسند عنصرن خلاف قانون تحت ڪارروائي ڪئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.