مهاتما گانڌي جي قتل کي 76 سال مڪمل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مهاتما گانڌي جي قتل کي 76 سال مڪل ٿي ويا آهن.

30 جنوري 1948 تي نٿو رام ونايڪ گودسي مهاتما گانڌي کي گوليون هڻي قتل ڪيو هو.

30 جنوري 1948 تي نٿورام ونايڪ گودسي مهاتما گانڌي کي نئين دهلي جي برلا هائوس جي باغيچي ۾ گوليون هڻي قتل ڪيو هو.

نٿورام گودسي هندو انتهاپسند تنظيم آر ايس ايس جو ڪارڪن هو، بي جي پي راشٽريه سوئم سيوڪ سنگهه جي هڪ سياسي ونگ جي طور تي ڪم ڪندي آهي، بي جي پي آر ايس ايس جي ايجنڊا تي ڪم ڪندڙ هڪ انتهاپسند پارٽي آهي.

اڄ به گانڌي جي قاتل کي بي جي پي ۽ ٻيون انتهاپسند تنظيمون پنهنجو هيرو سمجهن ٿيون، 2014 جي چونڊن جي مهم دوران بي جي پي جي ايم پي ساڪشي مهاراج گوسي کي محب وطن قرار ڏنو هو.

ساڪشي مهاراج جو چوڻ هو ته مان سمجهان ٿو ته گوسي هڪ قوم پرست هو، هو ڪڏهن به ملڪ دشمن نه هو.

هندو انتهاپسند اشوڪ شرما نٿو رام گودسي جي سرگرمين جي حمايت ۾ زندگي وقف ڪئي، مودي سرڪار به پنهنجي چونڊ مهم ۾ گانڌي جي قاتل گودسي جي تعريف ۾ ٽوپيون متعارف ڪرايون هيون.

هندو قومپرست تنظيم هندو مها سڀا جي قومي سيڪريٽري ديويندر پانڊي موجب گودسي گانڌي کي قتل ڪري صحيح ڪم ڪيو.

ڀارت جي رياست مڌيا پرديش جي بي جي پي هندو پرست قيادت موجب نٿو رام گودسي محب وطن هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.