ڇا توهان ۾ فنڪاراڻيون صلاحيتون آهن؟ ڪرنسي نوٽن جي ڊيزائن لاءِ مقابلن جو اعلان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اسٽيٽ بينڪ نون ڪرنسي نوٽن جي ڊيزائن لاءِ آرٽ مقابلي جو اعلان ڪيو آهي.

سندس چوڻ آهي ته مقامي فنڪار ۽ شاگرد پنهنجي ڊيزائن 11 مارچ 2024 تائين موڪلي سگهن ٿا.

بينڪ پڌرائي جاري ڪئي آهي جنهن موجب هر ماليت جا نوان ڪرنسي نوٽ ڊيزائن ڪرڻ لاءِ ڪم شروع ڪيو ويو آهي، نوان نوٽ جاري ڪرڻ ۾ ٻن کان 3 سال لڳي ويندا.

ڊيزائن لاءِ آرٽ مقابلو ڪرايو ويندو، ست مختلف نوٽن لاءِ ٽي ڊيزائن چونڊيون وينديون، مقابلي ۾ چونڊيل ڊيزائن کي پروفيشنل بينڪ نوٽ ڊيزائنرز جي مدد سان حتمي شڪل ڏني ويندي.

حتمي شڪل ڏنل سيريز کي پاڪستان سرڪار کي منظوري لاءِ موڪليو ويندو.

نئين ڪرنسي سيريز جاري ٿيڻ بعد هاڻوڪي ڪرنسي سيريز هلندي رهندي پوءِ آهستي آهستي ختم ٿي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.