صادق آباد ۾ پرڏيهي سائيڪلسٽ کي چماٽ هڻندڙ اي ايس آءِ معطل

صادق آباد (ويب ڊيسڪ) صادق آباد ۾ ڊي پي او پرڏيهي سائيڪلسٽ سان بري ورتاءَ تي اي ايس آءِ کي معطل ڪندي محڪماڻي ڪارروائي جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو.
رحيم يار خان ۾ ڊي پي او رضوان عمر گوندل واقعي جي وضاحت ڪندي ٻڌايو ته 3 پرڏيهي سائيڪلسٽ ڇنڇر ڏينهن سنڌ مان رحيم يار خان جي حدن صادق آباد ۾ داخل ٿيا ته ايس او پي موجب کين سيڪيورٽي فراهم ڪئي وئي.
ڊي پي او ٻڌايو ته سائيڪلٽس ان ڳالهه تي ضد ڪيو ته کين ڪا سيڪيورٽي نه ڏني وڃي، جنهن تي ڏند چڪ کانپوءِ واقعو پيش آيو.
پوليس ترجمان موجب پرڏيهي سائيڪلسٽ ڪاوڙ ۾ اي ايس آءِ تي اسپري ڪري ڇڏيو هو، جنهن تي اي ايس آءِ کيس چماٽ هنئي.
اڻ وڻندڙ رويي تي لاڳاپيل پوليس اهلڪار کي معطل ڪري ان خلاف وڌيڪ محڪماڻي ڪارروائي عمل ۾ آندي پئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.