اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آءِ ٽي واري نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر عمر سيف چيو آهي ته پاڪستان ۾ موبائيل فونز جي تياري سان اگهن ۾ گهٽتائي ايندي.
مقامي هوٽل ۾ موبائيل سمٽ 2024 کي خطاب ڪندي هن چيو ته نوجوان آءِ ٽي سيڪٽر کي مضبوط بڻائين، آءِ ٽي برآمدات سان معيشت مضبوط ٿيندي.
سندس چوڻ هو ته پاڪستان ۾ موبائل فونز جي تياري سان اگهن ۾ گهٽتائي ايندي، مقامي موبائل فونز جي تياري سان ناڻو بچندو، هن وقت تائين 35 ڪمپنين کي لائسنس جاري ٿي چڪا آهن.