ڏاڏي کي ڪُرسي نه ملڻ تي گھوٽ ڄَڃَ واپس وٺي ويو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ ننڍين ننڍين ڳالهين تي شادي ختم ٿي وڃڻ يا وري شادي جي تقريب دوران ڃَڄَ موٽي وڃڻ عام ڳالهه ٿيندي پئي وڃي، تازو ئي ڪرسي نه ملڻ تي گھوٽ جي ڄَڃَ ڪنوار کانسواءِ کي موٽي وڃڻ جو واقعو پيش آيو آهي.
ڀارتي ميڊيا موجب ڪنوار جي پيءُ مبين ٻڌايو ته هن جي يءَ جي ڃَڄَ نئين دهلي کان اورنگ آباد پهتي هئي جتي سندس خاندان گھوٽ ۽ سندس گھروارن جي آجيان ڪئي، پر ڄَڃ پهچڻ جي ڪجهه ڪلاڪن کان پوءِ ئي گھوٽ ان شادي کي ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو.
ڪنوار جي پيءُ جو چوڻ هو ته ڄَڃ پهچڻ کان پوءِ هر شخص تقريب انجواءِ ڪري رهيو هو پر انهيءَ دوران گھوٽ جي ڏاڏي ۽ هڪ مهمان وچ ۾ ڪرسي تي جهيڙو شروع ٿي ويو، گھوٽ جي ڏاڏي ان جهيڙي کي پنهنجي بي عزتي سمجهيو ۽ گھوٽ کي شڪايت ڪئي جنهن کان پوءِ جهيڙو وڌي ويو.
رپورٽ موجب جهيڙي دوران گھوٽيتن ڪنوار کي وٺي وڃڻ کان پوءِ هن سان خراب سلوڪ جون ڌمڪيون ڏنيون، جهيرو وڌڻ تي ڪنوار جي گھروارن گھوٽ جي خاندان کي هڪ ڪمري ۾ بند ڪري ڇڏيو ۽ شادي تي خرچ ڪيل رقم جو مطالبو ڪيو.
تقريب ۾ شامل هڪ مهمان ٻڌايو ته گھوٽ جي گھروارن پاران ڪجهه رقم ڏيڻ بعد گھوٽ جي گھروارن کين ڄَڃ واپس وٺي وڃن جي اجازت ڏني.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.