اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مهانگائي جي ماريل عوام تي بجلي جو هڪ ٻيو بم ڪيرائڻ جي تياري ڪئي وئي آهي.
بجلي ورهائيندڙ ڪمپنين نيپرا ۾ آڪٽوبر کان ڊسمبر 2023 جي ٽن مهينن جي ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ درخواست جمع ڪرائي آهي، جنهن ۾ سڄي ملڪ لاءِ بجلي مهانگي ڪرڻ جي درخواست ڏني وئي آهي.
درخواست ۾ ڪيپيسٽي چارجز جي مد ۾ 75 ارب 14 ڪروڙ رپيا وصولي ۽ نقصانن جي مد ۾ 10 ارب 82 ڪروڙ رپيا وصول ڪرڻ جي درخواست ڏني وئي آهي.
بجلي ورهائيندڙ ڪمپنين جي درخواست تي ٻڌڻي 14 فيبروري تي ٿيندي، درخواست منظور ٿيڻ کانپوءِ بجلي واهپيدارن تي 81 ارب 50 ڪروڙ رپين جو واڌو بار منتقل ٿيڻ جو امڪان آهي.
حڪومتي گائيڊ لائنز موجب ٽن مهينن جي ايڊجسٽمينٽ ڪي اليڪٽرڪ واهپيدارن تي به لاڳو ٿيندي.
You might also like