اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي علائقي مڇ ۾ ناڪام دهشتگرد حملي ۾ ڀارتي ڳجهي ايجنسي جي ملوث هجڻ جا ثبوت مليا آهن.
سيڪيورٽي ذريعن موجب ڀارتي سوشل ميڊيا اڪائونٽن وٽ حملي جو اطلاع اڳ ئي موجود هو، حملي دوران را سان جڙيل اڪائونٽن سوشل ميڊيا تي پروپئگنڊا شروع ڪئي، ڀارتي ڳجهي ايجنسي را سان جڙيل اڪائونٽن اڳ ۾ حملي جي خبر پنهنجي اڪائونٽن تان ڏني.
ماهرن موجب ڀارت را سان جڙيل سوشل ميڊيا اڪائونٽن تان پاڪستان ۾ بدامني ۽ ڏڦيڙ پکيڙي رهيو آهي، گذريل سال سک اڳواڻ هرديپ سنگهه نجر جو ڪينيڊا ۾ قتل به ان ئي سلسلي جي ڪڙي آهي.
ماهرن جو چوڻ آهي ته ڀارت عالمي قانونن جي مسلسل ڀڃڪڙين ۾ مصروف آهي، عالمي دنيا ڀارت جي کليل دهشتگردي خلاف ايڪشن وٺي.
هوڏانهن مڇ ۾ حملي جي ذميواري ڪالعدم تنظيم بلوچستان لبريشن آرمي قبول ڪئي.
سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته گرفتار ڀارتي قاتلن شاهد لطيف کي سيالڪوٽ، محمد رياض کي راولاڪوٽ ۾ قتل ڪيو، شاهد لطيف، رياض جي قتل ۾ ڀارتي ايجنٽ اشوڪ ڪمار آنند ۽ يوگيشن ڪمار ملوث هئا.
واضح رهي ته مڇ ۾ سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن جو حملو ناڪام بڻايو هو.
You might also like