انساني دماغ ۾ پهرين ڪمپيوٽر چِپ لڳائي وئي

ايلون مسڪ جي ڪمپني نيورالنڪ پهريون ڀيرو انساني دماغ ۾ ڪمپيوٽر چِپ لڳائڻ ۾ ڪاميابي ماڻي آهي.
ايلون مسڪ اهو اعلان ڪندي ٻڌايو ته 28 جنوري تي نيورالنڪ پهرين انساني دماغ ۾ چِپ لڳائي.
ايڪس (ٽوئيٽر) تي هڪ پوسٽ ۾ هن ٻڌايو ته جنهن فرد جي دماغ ۾ چِپ لڳائي وئي، اُهو صحتياب ٿي رهيو آهي.
واضح رهي ته يو ايس فوڊ اينڊ ڊرگ ايڊمنسٽريشن (ايف ڊي اي) پاران ڪمپني کي گذريل سال انسانن جي دماغ ۾ ڪمپيوٽر چِپ لڳائڻ جي ڪلينيڪل ٽرائل جي اجازت ڏني هئي.
ايلون مسڪ موجب پهرين ٽرائل جا شروعاتي نتيجا حصول وڌائيندڙ رهيا آهن جنهن دوران نيورونز جي سرگرمين ۾ اضافو ڏٺو ويو.
آمريڪا جي نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هيلٿ موجب نيورونز جي سرگرمين جي اضافي جو مطلب اهو اهي ته جيوگھرڙا برقي ۽ ڪيميائي سگنلز کي دماغ ۽ جسم ۾ تفصيل موڪلڻ لاءِ استعمال ڪري رهيا آهن.
ايلون مسڪ پاران نيورالنڪ جي پهري ڊوائيس کي ٽيليپيٿي جو نالو ڏنو ويو آهي.
هن ٻڌايو ته ان چِپ جي مدد سان ماڻهن کي پنهنجن خيالن ذريعي لڳ ڀڳ هر ڊوائيس کي استعمال ڪرڻ ممڪن هوندو.
سندس چوڻ هو ته شروع ۾ اها چِپ هٿن ۽ پيرن کي استعمال ڪرڻ لاءِ معذور ماڻهن جي دماغ ۾ لڳائي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.