برطانوي وزيراعظم هر هفتي جي شروعات 36 ڪلاڪن جي بک سان ڪندو آهي: رپورٽ

نئين هفتي جي شروعات نيرن، ٻيپهري ۽ رات جي کاڏي کانسواءِ ڪرڻ جو خيال گھڻن ماڻهن کي پريشان ڪري سگھي ٿو پر برطانوي وزيراعظم کي نه.
جي ها برطانوي وزيراعظم رشي سونڪ هر هفتي سومر جي ڏينهن ڪجهه به کائيندو آهي.
رشي سونڪ جي ان حيران ڪندڙ عادت جو انڪشاف سنڊي ٽائيمز جي هڪ رپورٽ ۾ ڪيو ويو.
رپورٽ ۾ وزيراعظم جي ويجهن ذريعي جي حوالي سان ٻڌايو ويو ته رشي سونگ هر هفتي جي شروعات 36 ڪلاڪ بکيو رهي ڪري ڪندو آهي، جنهن دوران آچر جي شام جو 5 وڳي کان اڱاري جي صبح جو 5 وڳي تائين هو رڳو پاڻي، چانهه يا بليڪ ڪافي تي گذارو ڪندو آهي.
ذريعن موجب برطانوي وزيراعظم نظم ۽ ضبط جو خيال رکندو آهي ۽ سومر جي ڏينهن ڪجهه به نه کائيندو آهي، جنهن دوران هو حڪومتي فرض به انجام ڏيندو آهي.
پر ان عادت سان کيس ڪهڙو فائدو ٿيندو آهي؟ ان بابت سري يونيورسٽي جي ايسوسيئيٽ پروفيسر ايڊم ڪولنز پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو آهي.
هن چيو ته انٽرمٽنٽ فاسٽنگ جيان آهي جنهن ۾ خاص وقت تائين کاڌو ناهي کاڌو ويندو.
باٿ يونيورسٽي جي ميٽابولڪ فزيولوجي پروفيسر جيمز بيٽس موجب 36 ڪلاڪن تائين بکيو رهڻ سان جسم توانائي جا محفوظ ٿيل ذخيرا استعمال ڪرڻ لڳندو آهي.
ايڊم ڪولنز جو چوڻ هو ته فاڪاڪشي دوران جسم چرٻي کي جسماني ٻارڻ جي طور تي استعمال ڪندو آهي جنهن سان ميٽابولز جي لچڪ وڌندي آهي.
هن چيو ته ان قسم جي عادت سان ميٽابولزم موجودا دور جي غذا ۽ طرز زندگي جي دٻاءَ تي وڌيڪ بهتر طريقي سان ڪنٽرو ڪرڻ جوڳو ٿي ويندو آهي.
سندس چوڻ هو ته 36 ڪلاڪن جي فاڪاڪشي دوران جيوگھرڙن جي صفائي به ٿيندي آهي، جنهن سان عمر ۽ ڊي اين اي تي هاڪاري اثر پوندا آهن.
پر اهو طريقيڪار ڊگھي ڄمار ماڻڻ ۾ ڪيتري حد تائين مددگار آهي، ان حوالي سان انسانن تي گھڻو تحقيقي ڪم ناهي ٿيو.
ايڊم ڪولنز موجب رشي سونڪ جو طريقيڪار هر فرد لاءِ ناهي، خاص طور ڳورهارين عورتن ۽ شگر جي مريضنن کي ائين ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ گھرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.