ثانيا مرزا جي نئين عزم سان ٻيهر ٽينس جي دنيا ۾ واپسي

نئين دهلي ( ويب ڊيسڪ ) ڀارت جي اڳوڻي ٽينس اسٽار ثانيا مرزا جي سڃاڻپ سندس رٽائرمينٽ کانپوءِ ڪٿي گم ٿي وئي هئي پر هاڻ هوءَ هڪ ڀيرو وري نئين عزم، هڪ نئين سڃاڻپ سان ميدان ۾ نظر ايندو.
آسٽريليا جي شهر ميلبورن ۾ ٿيل سال جي پهرين وڏي مقابلي آسٽريلين اوپن 2024ع ۾ اڳوڻي ٽينس اسٽار ڪامينٽيٽر طور واپسي ڪئي.
ثانيا مرزا جو نجي ٽي وي چئنل لاءِ پنهنجي نئين ڪردار بابت چيو ته اِهو تبصرو کيس ان راند( ٽينس ) سان گڏ رهڻ ۾ مدد ڪندو ڇو ته اِها راند سندس زندگي آهي.
واضح رهي ته آسٽريلين اوپن مقابلا 7 جنوري 28 جنوري تي پڄاڻي تي پهتا، جنهن ۾ ثانيا مرزا ڪامينٽير طور فرض انجام ڏيندي نظر آئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.