مارننگ شو هوسٽ ۽ اينڪر جو زال تي وحشياڻو تشدد، معاملي جو نئون رخ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) نجي ٽي وي جي اينڪر ۽ مارننگ شو هوسٽ اشفاق ستي خلاف پوليس پاران جاچ ڪئي پئي وڃي ڇو ته سندس زال مٿس وحشياڻي تشدد جو الزام هنيو آهي.

پاڪستان جي مشهور نجي ٽي وي جي اينڪر پرسن اشفاق جي زال مڙس تي وحشياڻي تشدد جو الزام هڻندي تصويرون سوشل ميڊيا تي شيئر ڪيون.

هن پنهنجي پيغام ۾ لکيو ته هي تحرير اهڙي وقت ۾ لکي رهيا آهن جڏهن منهنجو سڄو جسم زخمي آهي، منهنجون هڏيون، ڄاڙي، چهري سميت جسم جي مختلف عضون تي زخم آهن، مون کي منهنجي مڙس اشفاق ستي وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻايو آهي جيڪو مشهور ٽي وي چينل ۾ نيوز اينڪر آهي، هن مون کي منهنجي ماءُ جي گهران گهرايو ۽ پوءِ منهنجي ڪردارڪشي ڪندي مون کي هڪ جانور جيان ڪٽيو.

هن مون کي وارن کان گهليو ۽ مٿو ڀتين ۾ ٽڪرايو ۽ در سان ٽڪر هڻايا، پوءِ منهنجي مٿان ويهي گهٽو ڏيڻ جي ڪوسش ڪيائين تنهن بعد وهاڻي سان ساهه ٻوساٽي قتل جي ڪوشش ڪيائين. هو گڏوگڏ اهو چوندو رهيو ته تنهنجي لاش کي گم ڪري ڇڏيندس، اڄ تون منهنجي هٿان مري ويندين.

هن الزام ۾ چيو ته مون کي ڪيترائي ڪلاڪ تشدد جو نشانو بڻايو ويو ۽ پوءِ ڪمري ۾ بند ڪيو ويو، هو منهنجي ڏيڍ سال جي پٽ کي به وٺي ويو، مان مدد لاءِ منٿون ڪندي رهيس پر مون کي اونداهي ۾ بکيو اڃيو رکيو ويو.

نومائڪا اشفاق جو چوڻ هو ته مان پنهنجي مڙس ۽ سهه کي منٿون ڪيون ته مون کي ڇڏي ڏيو، منهنجي سس به اتي موجود هئي مون سان اهو سڀ ٿيندي ڏسي رهي هئي، مان ان ڪمري ۾ ڪيترن ئي ڏينهن تائين بند رهيس، ڪنهن ريت اتان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي آهيان، اڄ مان اهي سمورا تفصيل عوام سامهون رکي رهي آهيان ڇو ته مان فيصلو ڪيو آهي ته قانوني ڪارروائي لاءِ قدم کڻنديس. عباسي شهيد اسپتال ۾ منهنجو ميڊيڪل ٿي چڪو آهي ۽ گذريل ڏينهن ڪيس به داخل ڪيو ويو آهي جنهن ۾ ڪجهه ماڻهن منهنجي ڀرپور مدد ڪئي.

اشفاق ستي سان گڏ ڪم ڪندڙ ماڻهن کي اهڙي ڳالهه تي حيراني ٿي آهي سماجي اڳواڻن پڻ معاملي تي آواز اٿاريو آهي.

سوشل ميڊيا تي اينڪر اشفاق ستي جي حمايت ۾ تصويرون شيئر ڪندي چيو ويو ته مٿس پڻ تشدد ٿيو آهي ۽ چيو ويو ته زال سان جهيڙو ٻي زال زارا کي وٺي وڃڻ تي ٿيو هو.

نجي ٽي وي پاران وضاحت جاري ڪئي وئي آهي ۽ اعلان ڪيو ويو آهي ته اشفاق ستي کي فوري طور تي عهدي تان هٽايو ويو آهي.

ڪراچي پوليس جو چوڻ آهي ته ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ۽ جاچ هلي رهي آهي.

وڪيل جبران ناصر نومائتا جو ڪيس وڙهي رهيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.