ٽنڊو محمد خان ۾ ڀاءُ ڀيڻ قتل، 3 ڄڻا زخمي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ٽنڊي محمد خان جي هڪ ڳوٺ ۾ اڻڄاتل جوابدارن فائرنگ ڪري ڀاءُ ۽ ڀيڻ کي قتل ڪري ڇڏيو.

واقعي ۾ 3 ڄڻا زخمي ٿيا، لاشن ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

پوليس جو چوڻ آهي ته ميران محمد شاهه ۾ هٿياربندن گهر ۾ داخل ٿي فائرنگ ڪئي.

فائرنگ ۾ 45 سالن جي بچلان ۽ سندس ڀاءُ نياز شاهه ٿڏي تي مارجي ويا جڏهن ته 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

واقعو سڱاوتي تڪرار جو ٻڌايو پيو وڃي، پوليس پاران جاچ شروع ڪئي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.