ارسا پاران پاڻي تي ”ڌاڙي“ تي سنڌ جو احتجاج، سخت رد عمل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ارسا پاران هڪ اين او سي ذريعي پنجاب کي چولستان لاءِ پاڻي کڻڻ جي اجازت ڏيڻ واري معاملي تي سنڌ جي نگران وڏي وزير پاران نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ کي خط لکيو ويو آهي.

خط ۾ احتجاج ڪندي نگران وڏي وزير چيو آهي ته کين چولستان لاءِ پاڻي کڻڻ جي اجازت ڏيڻ تي خدشا آهن، سنڌ حڪومت کي اعتماد ۾ وٺڻ کانسواءِ ڳجهي نموني اوچتو اين او سي جاري ڪيو ويو.

خط ۾ نگران وڏي وزير چيو ته پاڻي معاهدي تحت پنجاب اڳ ئي حصو کڻي رهيو آهي جيڪو وڌيڪ آهي ۽ مان سنڌ جي عوام طرفان اپيل ڪريان ٿو ته چونڊيل حڪومت جي اچڻ تائين اهڙي فيصلي کي ملتوي ڪيو وڃي.

ٻئي پاسي پيپلزپارٽي اڳواڻ نثار کهڙو به معاملي تي رد عمل ڏنو آهي.

پ پ پاران اهڙو عمل صوبائي خودمختياري تي ڌاڙو قرار ڏنو ويو آهي.

هن چيو ته لنڪ ڪينال ٺاهڻ جو اين او سي فوري رد ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.