ٽيلر سوئفٽ جون بولڊ تصويرون وائرل، سوشل ميڊيا تي بلاڪ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) جڳ مشهور آمريڪي ڳائڻي ٽيلر سوئفٽ جون ڊيپ فيڪ بولڊ تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويون جنهن بعد سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ايڪس ڳائڻي کي عارضي طور تي بلاڪ ڪري ڇڏيو.

گزريل هفتي ايڪس، ريڊ اٽ ۽ ٻين سوشل ميڊيا پليٽ فارمز تي آمريڪي ڳائڻي جون بولڊ تصويرون وائرل ٿيون هيون جيڪي اي آءِ جي مدد سان ٺاهيون ويون هيون.

ٽيلر سوئفٽ جي بولڊ، جعلي تصويرون کي اڻ ڄاڻائي ۾ ڪروڙين سوشل ميڊيا واهپيدارن ڏٺو هو جڏهن ته ڳائڻي پنهنجي تصويرن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو هو.

تصويرن جي پکيڙ جي معاملي تي ٽيلر سوئفٽ ڊيپ فيڪ بولڊ ويب سائيٽس خلاف قانوني ڪارروائي تي غور ڪري رهي آهي ته ٻئي پاسي سوشل ميڊيا سائيٽ پنهنجي پليٽ فارمز تان ڳائڻي جون سڀ جعلي تصويرون ڊليٽ ڪري ڇڏيون آهن.

ان کانسواءِ ايڪس ان معاملي تي وڌيڪ ڪارروائي ڪندي عارضي طور تي ٽيلر سوئفٽ کي به ايڪس تي بلاڪ ڪري ڇڏيو آهي يعنيٰ هاڻي جيڪڏهن ڪو واهپيدار ايڪس تي ٽيلر سوئفٽ کي ڳوليندو ته کيس اهو جواب ملندو ته ٻيهر لوڊ ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.