آمريڪي سينيٽرن جو ايران تي سڌي ريت حملي جو مطالبو

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) اردن ۾ آمريڪي فوجي اڏي تي ڊرون حملي کانپوءِ آمريڪي سينيٽرن ايران تي سڌي ريت حملي جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
آمريڪي سينيٽر لنزي گراهم چيو آهي ته صدر بائيڊن ايران اندر اهم دفاعي هدفن تي حملو ڪري، جڏهن ته سينيٽر جان ڪورنين چيو ته حملا جنگ لاءِ نه دفاع لاءِ هوندا آهن.
آمريڪا ۽ برطانيا اردن حملي ۾ ايراني حمايت يافته عسڪري گروپن جي ملوث هجڻ جو الزام لڳايو آهي، جنهن جي ايران ترديد ڪئي آهي.
ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان اهڙن بيانن کي علائقائي ۽ عالمي امن ۽ استحڪام لاءِ خطرو قرار ڏنو.
واضح رهي ته اردن ۾ آمريڪي فوجي اڏي تي حملي ۾ 3 فوجي مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.