گرفتار پي ٽي آءِ اڳواڻ صنم جاويد چونڊ نه وڙهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

لاهور (ويب ڊيسڪ) زمان پارڪ ۾ پوليس تي تشدد جي ڪيس ۾ آزادي کانپوءِ هڪٻئي ڪيس ۾ گرفتار ٿيندڙ صنم جاويد اين اي 119 تان چونڊ نه وڙهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
تحريڪ انصاف اڳواڻ صنم جاويد طرفان اين ايم 119 تان چونڊ نه وڙهڻ جي فيصلي جي تصديق سندس ڀيڻ فلڪ جاويد سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي ڪئي.
صنم جاويد جي ڀيڻ ايڪس تي جاري ڪيل پيغام ۾ ٻڌايو ته صنم جاويد تڪ اين اي 119 ۾ چونڊ تان هٿ کڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
واضح رهي ته لاهور جي تڪ اين اي 119 تان ن ليگ نائب صدر مريم نواز عام چونڊن ۾ حصو وٺي رهي آهي.
ياد رهي ته صنم جاويد کي دهشتگردي ٽوڙ عدالت مان زمان پارڪ تي پوليس آپريشن ۾ تشدد جي ڪيس ۾ ضمانت منظور ٿيڻ کانپوءِ داخل هڪ ٻئي دهشتگردي جي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.