اڳوڻي وزيراعظم کي سنڌ هاءِ ڪورٽ مان وڏو رليف ملي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
سنڌ هاءِ ڪورٽ جي روبرو شاهد خاقان عباسي جي وڪيل بئريسٽر خواجا نويد دليل ڏيندي چيو ته ايف آءِ اي شاهد خاقان عباسي کي ٻاهرئين ملڪ وڃڻ کان روڪڻ لاءِ اي سي ايل ۾ نالو شامل ڪيو هو، شاهد خاقان عباسي اڳوڻو وزيراعظم آهي، کيس مختلف موقعن تي ٻاهرئين ملڪ وڃڻو پوندو آهي.
وڪيل چيو ته شاهد خاقان عباسي گذريل ڪيترن ئي سالن کان هر پيشي تي عدالت ايندو رهيو آهي، ايف آءِ اي کي حڪم ڏنو وڃي ته سندس نالو اي سي ايل مان ڪڍيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.