اڳوڻي ڏکڻ آفريڪي ڪپتان جي ويرات ڪوهلي کي مارڻ جي ڌمڪي!

ڪيپ ٽائون(ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي ڏکڻ آفريڪي ڪپتان ڊين ايلگر انڪشاف ڪيو آهي ته ويرات ڪوهلي ڀيرو ڀيرو ڀارت جي دوري دوران مٿس ٿُڪيو هو.
ويجهڙ ۾ ڀارت خلاف سيريز کانپوءِ ٽيسٽ ڪرڪيٽ تان رٽائر ٿيندڙ بيٽر موجب، جڏهن ڪوهلي مٿس ٿُڪيو ته هن به کيس سخت جواب ڏنو، اڳوڻي اوپننگ بيٽر فوري ردعمل ڏيندي ان وقت جي ڀارتي ڪپتان کي پنهنجي بيٽ سان مارڻ جي ڌمڪي ڏني.
ڊين ايلگر هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ گفتگو ڪندي چيو ته ڀارت ۾ پهريون ڀيرو ڪوهليءَ سان مقابلو هو، اتان جون وڪيٽون مذاق هيون اهڙي سطح تي کيڏڻ ڏکيو هو.
هن چيو ته هو جڏهن بيٽنگ لاءِ ڪريز تي آيو ته ايشون ۽ جاڙيجا کي کيڏڻ ڏکيو ٿي ويو هو ان دوران ڪوهلي مٿس ٿُڪيو.
ڊين ايلگر چيو ته ويرات ڪوهلي کي چيو ته جيڪڏهن تون ائين ڪندو رهندي تي توکي بيٽ وهائي ڪڍندس.
هن انڪشاف ڪندي چيو ته اڳوڻي ڏکڻ آفريڪي ڪپتان اي بي ڊيويليئرز جي آءِ پي ايل فرنچائز آر سي بي ۾ ڪوهلي سان گڏ کيڏي چڪو آهي انڪري هو اسان کي گهڻو سمجهي ويو هو.
هن پنهنجي ڳالهه جاري رکندي چيو ته جڏهن اوهان ڀارت ۾ کيڏندا آهيو ته اوهان کي ٿورو محتاط رهڻو پوندو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.