هڪ ”وار“ سبب آمريڪي عورت جو نالو گنيز بُڪ ۾ شامل

ڪيليفورنيا (ويب ڊيسڪ) آمريڪي عورت دلچسپ رڪارڊ قائم ڪندي گنيز بڪ آف ورلڊ رڪارڊ ۾ پنهنجو نالو لکرائي ڇڏيو.
گنيز ورلڊ رڪارڊ موجب ڪيليفورنيا سان واسطو رکندڙ ميسي ڊيوس پنهنجي ٻانهن مان نڪرندڙ وارن جي هڪ اسٽرينڊ سبب اهو اعزاز پنهنجي نالي ڪيو.
ميسي ڊيوس موجب کيس 2012 ۾ پنهنجي ان وار جي خبر پئي، هوءَ هاءِ اسڪول ۾ جونيئر شاگردياڻي هئي، ان دوران کيس پنهنجي ٻانهن تي هڪ غير معمولي ڊگهو وار محسوس ٿيو.
هن چيو ته هڪ ڊزني لينڊ ۾ دوست جي ڀاءُ ان وار ڏانهن اشارو ڪيو هو، هو ان کي ڇڪي ڪڍي رهيو هو، اوچتو مون کي خيال آيو ته اهو هڪ عالمي رڪارڊ ٿيندو، تنهن ڪري وار کي وڏو ٿيڻ ڏيان.
سندس چوڻ هو ته منهنجو وار اڪثر ٽٽي به پوندو هو پر ان کي ٻيهر وڏو ڪندي هيس، نيٺ اها ڊيگهه ان حد تائين ٿي وئي جو کيس عالمي اعزاز حاصل ٿي ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.