پي ايس ايل: دادو واسي ڪراچي ڪنگز جو حصو بڻجي ويو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ ) پاڪستان سپر ليگ جي نائين ايڊيشن جي سپليمنٽر ۽ متبادل رانديگر جو اعلان ڪيو ويو آهي.
ڪراچي ڪنگز ليوس ڊي پلواءِ ۽ محمد روحيد کي اسڪواڊ ۾ شامل ڪري ورتو، ان کانسواءِ زاهد محمود کي ڪيرون پولارڊ جي متبادل طور چونڊيو ويو آهي.


لاهور قلندرز، راشد خان جي جاءِ تي ڊين لارنس کي پنهنجي اسڪواڊ ۾ شامل ڪري ورتو آهي، راشد خان چيلهه جي سرجري سبب ليگ تان هٿ کڻي ورتو آهي.


پشاور زلمي لنگي نگيڊي جي جاءِ تي وقار سلام خيل کي سلور ڪيٽيگري ۾ اسڪواڊ جو حصو بڻايو، ڏکڻ آفريڪي فاسٽ بالر اين او سي ۾ دير سبب پاڪستان سپر ليگ مان ٻاهر ٿي ويو آهي.
ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز ۾ بسم خان کي هسارنگا جي جاءِ تي متبادل طور شامل ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.