17 وفاقي وزارتون ۽ اشرافيا کي ملندڙ 1500 اربن جي سبسڊي ختم ڪندس: بلاول ڀٽو زرداري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ملڪ ۾ اشرافيا تي 1500 ارب رپيا سبسڊي خرچ ٿيندي آهي، حڪومت ۾ اچي اها سبسڊي ختم ڪري رقم غريبن تي خرچ ڪنداسين.
شاگردن جي سوالن جا جواب ڏيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته وفاق وٽ 17 وزارتون اهڙيون آهن، جيڪي ختم ٿيڻ گهرجن، حڪومت وٽ انهن 17 وزارتن کي هلائڻ لاءِ پئسو ناهي، حڪومت ۾ اچي اهي 17 وزارتون بند ڪنداسين، اشرافيا کي ڏنل 1500 ارب جي سبسڊي ختم ڪري رقم غريبن تي خرچ ڪنداسين.
هن چيو ته مهانگائي، بيروزگاري ۽ موسمياتي تبديلي اهم مسئلا آهن، جنهن جي حل لاءِ مان منشور تيار ڪرايو آهي، منشور مان پاڻ ماهرن سان گڏ ويهي ٺهرايو آهي، پاڪستان معاشي بحران جو شڪار آهي ۽ موسمياتي تبديلين کي به منهن ڏئي رهيو آهي، ان جي تدارڪ لاءِ بجيٽ ۾ واڌ ڪنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.