انگلينڊ هٿان عبرتناڪ شڪست کانپوءِ مائيڪل وان جي ڀارتي ٽيم بابت وڏي دعويٰ

حيدرباد دکن ( ويب ڊيسڪ ) ميزبان ڀارتي ٽيم جي حيدرآباد ٽيسٽ ۾ شڪست کانپوءِ انگلينڊ جي اڳوڻي ڪپتان مائيڪل وان وڏي دعويٰ ڪري ڇڏي.
آچر جي ڏينهن انگلش ٽيم جي ڀارتي سرزمين تي آخري ڀيرو 2012ع ۾ ٽيسٽ سيريز پنهنجي نالي ڪرڻ جو اعزاز حاصل ڪيو، جنهن کانپوءِ ڀارت ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ مضبوط ٿي ۽ انگلينڊ کي ڪڏهن سيريز کٽڻ جو موقعو نه مليو.
مائيڪل وان پنهنجي ڪالم ۾ لکيو ته کيس لڳي ٿو ته ڀارتي ٽيم سيريز کٽڻ لاءِ فيورٽ آهي ڇو ته هاڻي انهن پاران ردعمل سامهون ايندو، پر ڀارت کي سوچڻو پوندو ته ڪهڙي قسم جون پِچز تيار ڪرڻ ڪرڻيون آهن.
اڳوڻي انگلش ڪپتان سيريز کان اڳ چيو هو ته ڀارت وڌيڪ ٽرن واري وڪيٽ بدران فليٽ وڪيٽ تيار ڪري جيڪا ان لاءِ وڌيڪ بهتر رهندي.
هن چيو ته بليو شرٽس کي اهڙيون پِچز تيار ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي جنهن سان اسپنرن کي وڌيڪ فائدو ملي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.