آرمي چيف سان ايراني پرڏيهي وزير جي ملاقات، دهشتگردي سان انٽيليجنس شيئرنگ ذريعي منهن ڏيڻ تي اتفاق

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير سان ايران جي پرڏيهي وزير امير عبداللهيان ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ ٻه طرفا لاڳاپا مضبوط بڻائڻ ۽ دهشتگردي سان انٽيليجنس شيئرنگ ذريعي منهن ڏيڻ تي اتفاق ڪيو ويو.
آءِ ايس پي آر موجب ايراني پرڏيهي وزير امير عبداللهيان جي ايڇ ڪيو ۾ آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير سان ملاقات ڪئي، ملاقات دوران ٻنهي ملڪن جي تاريخي، مذهبي ۽ ثقافتي رشتن کي سمجهندي ڌرين ٻه طرفي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۽ هڪ ٻئي جي خدشن کي وڌ کان وڌ سمجهڻ تي زور ڏنو.
آرمي چيف ٻي رياست جي خود مختياري ۽ علائقائي سلامتي جي احترام تي زور ڏنو ۽ اتفاق ڪيو ويو ته دهشتگردي گڏيل خطرو آهي، جنهن کي گڏيل سهڪار، بهتر رابطي ۽ انٽيليجنس شيئرنگ ذريعي منهن ڏيڻ جي ضرورت آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.