سلمان خان شادي ڪندو يا نه؟ پاڻ ٻڌائي ڇڏيائين

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ سلطان سلمان خان به پنهنجي ڀاءَ ۽ فلسماز ارباز خان جي شوريٰ خان سان ٻي شادي تي چپ نه رهي سگهيو.
ڀارت جي مشهور ترين رئيليٽي شو بِگ باس جي سيزن 17 جي فائنل تقريب ٿي، جنهن جي ميزباني سلمان خان ڪري رهيو هو.
بِگ باس 17 جي فائنل ۾ مختلف شخصيتن مهمان طور شرڪت ڪئي جنهن ۾ سلمان خان جا ٻئي ڀائر ارباز خان ۽ سهيل خان پڻ شامل هئا جڏهن ته مشهور ڪاميڊين ڀارتي سنگهه به تقريب ۾ موجود هئي.
ارباز خان جيئن اسٽيج تي آيو ته بيڪ گرائونڊ ميوزڪ ۾ شاديءَ جو گيت هلي پيو جنهن تي هن چيو ته اوهان ماڻهو تي ائين ڪري رهيا آهيو جيئن هو پهريون انسان آهي جنهن ٻي شادي ڪئي آهي.
ڪاميڊين ڀارتي سنگهه ارباز خان کان سوال ڪيو ته اوهان مون کي پنهنجي شوريٰ خان جي شادي جي دعوت ڇو نه ڏني؟ جنهن تي فلمساز چيو ته هو کيس پنهنجي ايندڙ شادي جي ضرور دعوت ڏيندو.
ارباز خان جي جواب تي ڀارتي سنگهه سلمان خان کان سندس ڀاءَ جي ٻي شادي بابت راءِ ڄاڻڻ چاهي جنهن تي دبنگ خان چيو ته هو سندس ڳالهه ٻڌندو ئي ناهي، جيڪڏهن ٻڌي ها ته، سلمان خان پنهنجي ڳالهه چئي چپ ٿي ويو.
ان کانپوءِ ڀارتي سنگهه سلمان خان کان سندس شادي بابت سوال ڪيو جنهن تي اداڪار مزاحيه انداز ۾ چيو ته هاڻي ته تون( ڀارتي سنگهه ) شادي ڪري ڇڏي آهي انڪري ڪنهن سان به شادي نه ڪندس.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.